اسلام جو آغاز ۽ هاڻوڪو زوال

اڄ کان چوڏنهن سو سال پويان اگر ماضي جي عرب تي نظر ڊوڙائيندا ته توهانجي آڏو هڪ اهڙو معاشرو نظر ايندو جتي جو انسان ، درندگيءَ جي زندگيءَ جو قائل، خودغرضي جي زندگي ۾ پاڻ پتوڙيندڙ ملندو، عورت ۽ جانور ۾ ٻيو ڪوبه فرق نو هو سواءِ انجي اگر عورت ڌن واري آهي ته هوءَ انسانن ۾ ڳڻي ويندي هئي . قانون جو معاملو اهو هو جو اگر توهان ڪنهن به قافلي کي ڦري ٿا اچو ته اها شانائتي ڳالهه چئبي پر ان قافلي ۾ توهان پنهنجي ڪنهن عزيز کي به لٽي آيا ته حيف هجي اوهان تي .

اگر دل گهري سنگت اچي ويئي ته سڄو اٺ ڪهڻ جي بجائي انجي هڪڙي ٽنگ ئي پچائڻ ڪافي آهي ، ان سان ڪهڙو فرق ٿو پئي جيڪڏهن اٺ تڪليف ۾ آهي .
جتي اگر ڪنهن عورت تي شرط لڳي ويئي ته سندس پيٽ ۾ ٻار ڇوڪرو آهي يا ڇوڪري ته ان جو پيٽ تلوار سان چيري ڏٺو ويندو هجي، ته اتي ڪنهن جانور جي تڪليف جو ڇا احساس . مختصر عرض ته معاشرتي اندهيري ۾ رهندڙ هڪ قوم جنهن جي شعوري ارتقاءَ جو گمان ئي ڪنهن جي احساس ۾ نه هجي آس پاس جي بادشاهن مان ڪنهن به انهن تي حڪومت ڪرڻ نه چاهي هجي ، ڇاڪاڻ ته هڪ وحشي قوم جيڪا نفس پرستي جي عروج تي هئي اهڙي قوم کي هڪ تهذيب جي شڪل ۾ آڻڻ جو مقصد پنهنجي تهذيب کي خطري ۾ وجهڻ برابر هو.
سن 610 عيسوي ۾ انهيءَ عرب معاشري ۾ رهندڙ هڪ نوجوان هڪ اهڙي تجربي مان گذريو  جو پوري قوم سِري کان ئي تبديل ٿي ويئي نه صرف اهو بلڪه ان انقلاب پوري دنيا کي پنهجي رنگ سان رنگي ڇڏيو .

جي! هي گفتگو هلي رهي آهي عالمِ پناه جناب حضرت محمد ﷺ جي ، حضرت محمد ﷺ اها پهرين هستي هئي جنهن ان معاشري کي اندهيري کان روشني ڏانهن ، جهالت کان باشعور زندگيءَ ڏانهن نيڻ لاءِ هڪ تحريڪ جو آغاز ڪيو. شروع شروع ۾ ته سندن پيغام کي نه صرف رد ڪيو ويو ، بلڪه کين ڪيترين کي مشڪلاتن کي پڻ منهن ڏيڻو پيو جيڪي کين پنهنجي قوم جي طرفان سامهيون آيون.
حضرت محمد ﷺ پنهنجي معمول مطابق مڪي شهر جي آبادي کان ٿورو پرڀرو هڪ جبل جي غار ۾ وقت گذارڻ لڳا هئا ان عرصي دوران انهن کي هڪ تجربو پيش آيو . انهن هڪ غير مرعي وجود کي پاڻ سان مخاطب     ٿيندي ڏٺو ، غير مرئي وجود جنهن کي بائبل روح القدس ڪوٺيو آهي .
روح القدس ! پڙه
حضرت محمد ﷺ ! مان پڙهي ناهيان سگهندو
روح القدس ! پڙه
حضرت محمد ﷺ ! مان پڙهي ناهيان سگهندو
روح القدس حضرت محمد ﷺ کي ڀاڪر پائي زور ڏنو ۽ چيو ته پڙه پنهنجي پالڻهار جي نالي سان  جنهن پيدا ڪيو ، جنهن انسان کي علق مان پيدا ڪيو. بعد ازان حضرت محمد ﷺ پنهنجي گهر اچي پنهنجي زوجه کي تمام واقعو ٻڌائن ٿا ۽ سندن زوجه پنهنجي سوئٽ ورقه بن نوفل  ڏانهن حضرت محمد ﷺ کي وٺي ٿي وڃي ته جيئن هوءَ واقعي جي حقيقت بيان ڪري ته اهو ڇا هو ورقه بن نوفل جيڪو آسماني ڪتابن جو مطالعو رکندڙ هو. تنهن ٻڌايو ته جيڪو توهان سان غار ۾ مليو اهو جبرئيل (روح القدس) هو.

a

اهڙي ريت ان تجربي مان حضرت محمد ﷺ ان نتيجي تي پهتا (وحي جي ذريعي) ته سڀ کان پهرين قوم ۾ ذهني هم آهنگي پيدا ڪئي وڃي . جيئن ته مڪي جا رهاڪو مختلف 360 ديوتائن جي پوڄا ڪندڙ هئا انهن جي ديومالائي فلسفي ۾ هڪ اهڙي ديوتا جو به نالو موجود هو جنهن جو ڪو به بت سندن عبادت گاه ۾ رکيل نه هو ، ڇو جو ان جي صورت ڪنهن به انسان ان کان پهرين نه ڏٺي هئي ۽ اهي ان ديوتا کي الله جي نالي سان سڃاڻندا هئا جيڪو سڀني کان وڏو ديوتا هو جنهن دنيا ٺاهي هئي ۽ انسان کي پيدا ڪيو ، انهيءَ ديوتا جو تصور تمام مذهبن ۾ موجود آهي جهڙي طرح  بائبل جي  پهرين ڪتاب (ڪتابِ پيدائش) جي پهرين باب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان ديوتا (بائبل کيس ايلوهيم جي نالي سان ڪوٺي ٿي) سڀ کان پهرين 6 ڏينهن ۾ دنيا ٺاهي پوءِ انسان کي پيدا ڪيو لحاظا حضرت محمد ﷺ جي بنيادي ڪوشش اهائي هئي ته پنهنجي قوم کي واحد ديوتا جي تصور تي يڪجا ڪن ته جيئن هوءَ هڪ پليٽ فام تي جمع ٿي سگهن.
۽ بفضله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ پنهجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا ، ۽ سندن ڪاميابي جو اصل ۽ بنيادي راز انهيءَ ديوتا (الله) جي ويجهڙائي ۽ بندگي هو . ليڪن اڄ حضرت محمد ﷺ جي پيروڪارن (مسلمانن ) جي تعداد ته ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي پر ساڳي رفتار سان وري زوال پذير به ٿي رهي آهي .
انجو ڇا سبب ٿي سگهي ٿو ؟ ڪٿي ايئن ته ناهي جو هوءَ صرف الله جي نالي کي ته مڃين ٿا ليڪن کيس سڃاڻن نه ٿا ، جيڪڏهن کيس سڃاڻن به ٿا ته سندس اطاعت نه پيا ڪن ۽ نافرماني سبب ويجهڙائپ وڃائي ويٺا آهن .
هڪ ڀيرو ٻيهر سوچيو ته ڪٿي اسان پنهنجي رب کان پري ته نه ٿي ويا آهيون . جو اسان جو رعب ۽ دٻدٻو دنيا تان ختم ٿيندو ٿو وڃي ۽ اسان غلامي جي ورچڙهي رهيا آهيون.

Post a comment or leave a trackback: Trackback URL.

Leave a comment