جڏهن مان مديني ويس

مسلسل اُڻ تُڻ لڳي پئي هئي ، موبائل ته هٿ ۾ ئي رکيو هئم ته جيئن بوقت ضرورت ٽائيم ڏسي سگهان ، ليڪن فاصلو به ته ڪو گهٽ نه هيو 500 ڪلو ميٽر آخر ختم ٿيڻ ۾ وقت لڳائيندا ، سو مسلسل بي چيني تي بيچيني وڌي رهي هئي ، ليڪن ان سفر جي نهايت ئي عظيم سعادت جيڪا پروردگار عالم جي فضل و ڪرم سان مونکي عطا ٿي سا والدين جي مشفقانه رفاقت هئي هڪ اهڙي هستي جنهن جي چهري کي پيار و محبت مان ڏسڻ به عبادت هجي. سا جيڪرمتبرڪ سفر ۾ توهان سان گڏ هجن ته ، يقينن ان سعادت جو مثل به اها سعادت خود ئي آهي ،

a

انکان پهرين جو اسان مديني پاڪ پهچون رستي جي ٻنهي پاسن کان ڪاري رنگ جا جبل نظر اچي رهيا هئا ، ڪافي حيران ڪن ڳالهه هئي مون انکان پهرين ڪڏهن به ڪاري پٿر وارا جبل نه ڏٺا هئا ، غور سان ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته جبل جي محض مٿين سطح ڪاري پٿر سان ڍڪيل هئي ليڪن پورو جبل ڪاري پٿر جو نه هو معاملو ڪافي دلچسپ هو، ليڪن گمان ڪيم ته شايد ٻه يا ٽي هزار سال پهرين هتي ڪو لاوو ڦاٽي ٻاهر آيو هوندو جنهن ڪري اتي جي جبلن تي ڪاري پٿر جي سطح ڄمي وئي آهي ، مون ان ڳالهه جي ڪا کوج ته نه لڳائي آهي ليڪن منهنجو اندازو اهو ئي هو ته شايد ماضي بعيد ۾ ڪنهن قوم تي عذاب آيو هوندو ، جيئن ته قوم لوط به هڪ اهڙي عذاب وگهي ختم ٿي ويئي هئي جنهن ۾ انهن تي آسمان تان نهايت ئي بهيانڪ انداز ۾ پٿرن جي بارش ٿي هئي . ۽ حضرت لوط کي حڪم ڪيو ويو ته پوئتي مڙي نه ڏسجان معلوم ٿئي ٿو ته شايد معاملو نهايت ئي خوفناڪ رهيو هوندو، حضرت لوط جي قوم مڪي کان اتر اولهندي جي ڪنڊ تي موجوده فلسطين ۾ آباد هئي ، ليڪن مهنجو هرگز اهو مقصد ناهي ته حضرت لوط جي قوم تي آيل عذاب جو اثر مڪي جي جبلن تي ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته جنهن گهڙي فرشتن حضرت ابراهيم کي انهيءَ عذاب جي خبر ڏني ان وقت حضرت اسماعيل پنهجي والده سان گڏ مڪي ۾ آباد هو ، جيڪر ايئن هجي ها ته حضرت ابراهيم حضرت لوط سان گڏوگڏ پنهجي پٽ حضرت اسماعيل جي لاءِ به فڪر ظاهر ڪن ها ليڪن ايئن نه ٿيو حضرت ابراهيم صرف حضرت لوط جي باري ۾ ئي پڇيو جنهن تي فرشتن وراڻيو ته بيشڪ لوط ۽ ان جا ساٿي محفوظ رهندا ليڪن سندس گهرواري عذاب هيٺ ايندي ڇاڪاڻ ته اها پوئتي رهجي ويندڙن مان آهي ، تنهن کانسواءِ به جيڪر ايئن هجي ها ته يقينن ان جو ذڪر باقي رهي ها ۽ انهيءَ عذاب جا آثار به چوءَطرف موجود هجن ها صرف ان هڪڙي پٽي تائين محدود نه هجن .
تنهن ڪري عين ممڪن آهي ته اگر اهو ڪنهن عذاب جي صورت ۾ سامهون آيو آهي ته پوءِ اهو اڃان به ڪو اڳ جو واقعو آهي جنهن جي باقيات محفوظ نه رهي هوندي يا زمين قديم تهذيبن جيئان انکي به پنهنجي پيٽ ۾ دفن ڪري ڇڏيو هوندو ،
آخر انهيءَ تجسس سان گڏ سفر به اختتام تي پهتو والد صاحب دري تان پردو هٽائيندي ٻڌايو ته مير صاحب مديني پهچي وياسين. اُهو ڇا ته يادگار لمحو هو جڏهن هڪ گنهگار انسان اهڙي مقدس شهر ۾ داخل ٿي رهيو هو جيڪو رسول الله صلي الله عليه وسلم جو شهر آهي. اُن لمحي جي منظر ڪشي ڪرڻ منهجي لاءِ ته ناممڪن آهي ، ناممڪن ، بلڪل ئي ناممڪن ،،،،،،،، ٿي به نه ٿي سگهي ،،،،،، آخر توهان دل جي ڪيفيت کي لفظن ۾ ڪيئن ٿا قيد ڪري سگهو ،،،،، توهان ڪنهن انسان کي ٻڌائي ته ضرور سگهو ٿا ته مان توسان بي پناهه محبت ڪريان يا ان کان به دلڪش لفظن جي ذريعي پنهنجي محبت جو اظهار ڪري سگهو ٿا ،،، ليڪن ،،،،،، توهان ڪڏهن به ان ڪيفيت کي بي پرده نه ٿا ڪري سگهو توهان ڪڏهن به ان ڪيفيت جي تصوير ڪشي نه ٿا ڪري سگهو ،

انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ بس اسانکي هوٽل تي پهچايو جلدي ۾ سامان ڪمري تي رکي وضو ڪري وڃي مسجد نبوي ۾ داخل ٿياسين ، کاٻي طرف کان جنت البقيع جون ڄاريون نظر اچي رهيون هيون ، باب فهد کان به اڳتي ٻاهران ئي ٻاهران هلندا وڃي باب جبرئيل کان اندر داخل ٿياسين ، ان دروازي مان داخل ٿيڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيو ته اسان مسجد شريف جي اندرين عمارت ۾ داخل ئي اصحاب صفه واري حصي کان ٿياسون ، ڪجهه ئي وکن جي فاصلي تي اسانکي جنت رضوان جي ڀر ۾ نماز ادا ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، منهجي سامهون ٿورو کاٻي پاسي کان معذن جي جڳهه هئي جتي رسول الله ﷺ جي وقت ۾ حضرت بلال اذان ڏيندو هو، مغرب نماز کانپوءِ اسان جنت رضوان ۾ ٻه رڪعت نفل نماز ادا ڪرڻ جي سعادت ماڻي .
جيئن ته بابا سائين جو هي ٽيون عمرو هيو ، انڪري کين اتي جي وڌيڪ ڄاڻ هئي ، ۽ اهي نهايت ئي شفيق انداز ۾ ٻڌائيندا ٿي هليا ، نفل پڙهي جيئن ئي فارغ ٿياسون ته بابا سائين چيو ته هلو، رسول الله ﷺ جن کي سلام عرض ڪريون ، ياد رهي ته نبي پاڪ ﷺ جن کي سلام ڪرڻ جو طريقو صحابه ڪرام رضوان الله اجمعين کان جاري آهي ، هاڻي اسان جيئن ئي رحمت اللعالمين ﷺ کي سلام ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌياسين رش تمام گهڻي هئڻ ڪري آهستي آهستي هلندا جيئن ئي حجري شريف جي ديوار ڀرسان پهتاسين ته ان وقت مون پهنجي ٽنگن ۾ رڦڻي محسوس ڪئي ،۽ دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي ڄڻ ته رسول الله ﷺ اتي موجود هئا ۽ انهن جي توجه حاضرين تي هئي ، والله عالم بثواب

وقت گذرندي ته ڪو وقت ئي ناهي لڳندو ، ٻاراڻي وهي کان جنهن در جي زيارت جا خواب ڏسندا ٿي رهيا سين اڄ اتي هفتو مڪمل به ٿي چڪو هو ، پر مسلسل ايئن ئي محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ته اڃان ڪلهه ئي پهتا آهيون ، الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجون رحمتون برڪتون ۽ سلامتي ان شهر تي هميشه قائم ۽ دائم رکي ، آمين ثم آمين.

حالانڪه خواهش ته اها به هئي ته هن تحرير ۾ مديني پاڪ جي مختصر تاريخ، ۽ اتي جا تاريخي ماڳ به بيان ڪندو هلان ته جيئن اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون جڏهن هن مقدس شهر جي زيارت تي وڃن ته کين وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿي ليڪن تحرير وڌي وڃڻ جي خيال سان ، محض هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ڪندو هلان ته جيئن اسان جا ڀائر جڏهن ان مقدس مقام جي حاضري تي وڃن ته خوب منافو ماڻين ،

دورانِ سلام ڪهڙين حرڪتن کان بچڻ گهرجي؟
• اڪثر نوجوان موبائل فون جي ذريعي وڊيو رڪارڊ ڪري رهيا هئا ،
• رش گهڻي هئڻ جي ڪري رسول الله ﷺ جي بدران آس پاس تي ڌيان وڃي رهيو هو،
• اڪثر ڀائر عمارت جي خوبصورتي ۽ رونقن کي ڏسڻ ۾ رڌل هئا،
• ڪجهه ڀائر پاڻ ۾ جهيڻي آواز ۾ گفتگو ڪندا ٿي هليا ،
• جلدي زيارت ڪرڻ جي خواهش ۾ اڳين کي ڌڪڻ،
• ته ڪنهن جو وري ڪو مائٽ يا ڌوست سلام ڪري ٻاهر انتظار ۾ بيٺو آهي ته هو ان تائين پهچڻ لاءِ جلدي ۾ سلام ڪري ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو ،

سلام تي وڃڻ وقت عمده عمل
• نهايت ئي ادب واحترام ۽ آهستگي سان اڳتي وڌڻ گهرجي ، ايترو به آهسته نه جو پوين کي تڪليف ٿي ۽ ايترو به تيز نه جو اڳين کي تڪليف ٿي،
• پنهجي توجهه نبي پاڪ ﷺ جي طرف رکجي، ۽ دل ئي دل ۾ ذڪر يا صلواه و سلام پڙهڻ گهرجي،
• جيئن ئي سنهري ڄارين جي سامهون پهچو ته هٿ هيٺ ڪري نهايت ئي ادب و احترام سان دل ئي دل ۾ يا بلڪل ئي جهيڻي آواز ۾ چئجي (السلام و عليڪم يارسول اللهﷺ) يا وري (الصلواه وسلام و عليڪ يا رسول الله ﷺ).
• ليڪن آواز بلڪل ئي جهيڻي هئڻ گهرجي،
• ياد رکجو ته هي تمام ئي ادب احترام جو مقام آهي
بعد از خدا تو هي ، قصه مختصر
• بعد ازان حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق کي سلام عرض ڪري سامهون واري در کان ئي ٻاهر نڪري وڃجي

Post a comment or leave a trackback: Trackback URL.

Leave a comment